چيچڪو/ چيچڪا

چيچڪو/ چيچڪا: گدامڙي، سِرنهن ۽ ٻٻر جي وڻ جي ٻج کي چيچڪو چئبو آهي. چيچڪا ڪچا رڌي کائبا آهن. ٻٻر جا چيچڪا، درياهه جي ڪنارن سان ڇٽبا آهن ته سانوڻيءَ/ آبڪلاڻيءَ جي مندر ۾ وڻڪار ۽ ٻيلن جي صورت اختيار ڪندا آهن. مشهور شاعر اُستاد بخاريءَ به ’چيچڪن‘ کي هن ريت ڳايو آهي:
چيائون ته ٻيلا وڍيندا وتون ٿا،
چيم چيچڪن کي ڇٽيندا وتون ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو